سانگهڙ: حفاظتي بند تي جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ شخص فوت، ٽي زخمي، گهر ۾ سوڳ

Spread the love

سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ويجهو سنجهورو ٿاڻي جي حد ۾ سيلابي پاڻي کي روڪڻ لاءِ حفاظتي بند ڏيڻ  دوران ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾  جهيڙو، مبينه  فائرنگ ۾ هڪ شخص موقعي تي فوت ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.

 ڳوٺ خدا ڏنو شاھ ۾  سيلابي پاڻي جي وهڪرن کي روڪڻ لاءِ بند ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندڙ ماڻهن تي مخالف هٿياربند ماڻهن فائرنگ ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ نياز حسين ابڙو نالي هڪ شخص موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته حسين بخش ابڙو، محب ابڙو ۽ محمد خان ابڙو نالي ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا،

اطلاع تي پوليس نفري واقعي واري هنڌ پهتي  لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو، ايس ايس پي سانگهڙ عابد بلوچ واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي. هڪ ئي خاندان جي هڪ فرد جي موت ۽ ٽن جي زخمي ٿيڻ سبب گهر ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل رهي،

جُولاءِ 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو