دادو: نافرمان پٽ جو پيرسن ماءُ تي تشدد، گهر مان ڪڍي ڇڏيو، انصاف لاءِ فرياد
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ احمدپور قمبراڻي جي رھواسڻ پيرسن عورت مسمات حسنہ قمبراڻي کي نافرمان پٽ تشدد ڪري کيس ڏنڊا ھڻي گھر مان ڪڍي ڇڏيو آھي،
پيرسن عورت مسمات حسنہ قمبراڻي پنھنجي پٽ خلاف روئيندي سنڌي ٻٽڙا پريس ڪلب جي صحافين اڳيان دانھيو آھي تہ منھنجو اڪيلو پٽ مجاھد قمبراڻي گذريل ھڪ مھيني کان مون تي تشدد ڪندو رھي ٿو ھن مون کي ڏنڊا ھڻي گھر مان ڪڍي ڇڏيو آھي، ھن چيو ته مجاھد قمبراڻي مون کي ڇڏائڻ لاءِ آيل منھنجي نياڻي ۽ ٻين گھر جي عورتن تي به تشدد ڪيو آھي،
مان لاچار بيوس پيرسن عورت سان نافرمان پٽ ظلم ڪيو آھي مان انتھائي پريشان حال آهيان، پيرسن عورت بيواهه حسنا قمبراڻي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ،ايس ايس پي دادو، ايس ايڇ او بي سيڪشن ميهڙ ۽ وس وارن کان گھر ڪئي آھي ته نافرمان پٽ مجاهد قمبراڻي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري مون کي تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي،
جُولاءِ 12, 2025