جونيئر ذوالفقار نئين سياسي جماعت ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر نئين سياسي جماعت ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
لاهور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته مان هڪ نئين سياسي جماعت ٺاهي رهيو آهيان، جنهن جو باقاعده اعلان جلد ڪيو ويندو.
هن چيو ته اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو اڄ به موجود آهي، اسان کي اڄ وڌيڪ ٽي شيون بجلي، گيس ۽ پاڻي گهرجي، اسان جو نعرو جيئي عوام هوندو.
سندس چوڻ هو ته زرداري گروپ جيئي ڀٽو کي ڪرپشن جو نعرو بڻايو، ڪارپوريٽ فارمنگ زمينن تي قبضي جو منصوبو آهي.