بلوچستان ۾ گاڏين مان مسافرن کي لاهي گوليون هڻي قتل ڪرڻ واري وڌندڙ دهشت گردي!؟
رپورٽن موجب بلوچستان جي علائقي لورالائي ۾ هٿياربندن مسافر ڪوچن کي روڪي انهن ۾ چڙهي شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري 9 مسافرن کي اغوا ڪري ورتو ۽ بعد ۾ انهن مسافرن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. رپورٽن موجب جوابدار اونداهي جو فائدو وٺي جبلن ۾لڪي ويا جن جي ڳولا لاءِ آپريشن هلندڙ آهي. دهشت گردي جا اهڙا واقعا جن ۾ بي گناهه ۽ معصوم ماڻهن کي نشانو بڻايو وڃي سي يقينن ناقابل برداشت هوندا آهن پر هتي ان نوعيت جو هي ڪو پهريون واقعو ناهي، بلوچستان ۾ پهريون به ٽي چار ڀيرا ان نوعيت جا دهشت گردي جا واقعا ٿيا آهن جنهن تحت مسافرن جا شناختي ڪارڊ چڪاس ڪري سڃاڻي کين گولين سان پروڻ ڪيو ويو آهي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ ان قسم جو واقعو وري نه ٿئي ها پر افسوس ته هتي ان نوعيت جا واقعا هاڻي وڌڻ لڳا آهن.
ڪنهن به رياست، حڪومت ۽ صوبائي سرڪار جي موجودگي ۾ دهشت گردن کي جيڪر اهڙي همت ئي نه ٿئي جو اهي ساڳي قسم جون وارداتون ڪرڻ جي همت ساري سگهن پر هتي لڳي ٿو ته اهڙن واقعن مان سکڻ ۽ ان نوعيت جي واقعن جي روڪٿام لاءِ ڪي غير معمولي اپاءُ نه ٿا ورتا وڃن هتي حڪمرانن طرفان صرف مذمتي بيانن تي زور ڏنل هوندو آهي ۽ زوردار دعوائون ڪيون وينديون آهن ته دهشت گردن خلاف اهڙي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي جو کين وري همت نه ٿيندي وغيره وغيره پر حقيقت ان جي ابتڙ هوندي آهي. دهشت گرد ڪجهه ڏينهن جي ٺاپر بعد وري ساڳي نوعيت جي واردات ڪري ڏيکاريندا آهن. اصولي طور تي ڏسجي ته ڪنهن به رياست ۽ حڪومت لاءِ دهشت گردي جي نيٽ ورڪ کي نيست ۽ نابود ڪرڻ ڪو مسئلو ئي جيڪر نه هئڻ گهرجي پر جيڪڏهن مضبوط رياستي ۽ حڪومتي نيٽ ورڪ سان ڪمزور ۽ لڪيل نيٽ ورڪ وارا وڌيڪ طاقت ور نموني دهشت گردي جون وارداتون ڪندا هجن ته پوءِ حڪومتي ۽ رياستي نيٽ ورڪ تي سوال ئي اٿي سگهن ٿا، سندن ڏانهن آڱريون ئي کڄي سگهن ٿيون ته آخر دهشت گردي ڇو بي لغام بڻيل آهي. اسان نه ٿا سمجهون ته ڪنهن به مسئلي کي ڪو حل نه ٿو ڪري سگهجي. دنيا جو هر مسئلو حل ٿي سگهي ٿو.
جيستائين بلوچستان ۾ ٿيندڙ دهشت گردي جو تعلق آهي ته اها هاڻي گهُڻ طرفي ٿي وئي آهي. ملڪي نظام جي زيادتين، ناانصافين، بلوچستان کي ان جا حق نه ملڻ، سامراجي مفاد، دشمن ملڪن جون سازشون، ترقياتي منصوبن ۾ بلوچستان جي عوام کي اعتماد ۾ نه وٺڻ وغيره وغيره. اڄ ڪلهه حڪمرانن جو زور ان ڳالهه آهي ته ڀارت هتان جي سهولت ڪارن ذريعي ان دهشت گردي جي سر پرستي ڪري رهيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته جيڪو به مسئلو دهشت گردي جو ڪارڻ آهي سو ڪنهن به رياست ۽ حڪومت کان زور نه ٿو سگهي. رياست ۽ حڪومت بلوچستان جي ان گهڻ رخي دهشت گردي کي بلڪل به روڪي سگهي ٿي. اهو ڪئين ممڪن آهي ان تي سوچڻ رياست ۽ حڪومت جو ڪم آهي ۽ جڏهن ڪنهن به مسئلي تي سوچبو آهي ان جي گُهڻ رخن جو جائزو وٺبو آهي ته ضرور ان جو حل نڪري ايندو آهي. پر هتي ايئن به ڏٺو ويو آهي ته واقعن جي آڙ ۾ هڪڙا سياسي، سامراجي، اقتداري ۽ ٻيا مفاد ماڻيا ويندا آهن جنهن ڪري دهشت گردي جي خالص ڪارڻن کي ختم ڪرڻ جي ڄڻ ڪوشش ئي نه ڪئي ويندي آهي.
اسان وٽ 2013 ۾ نواز شريف جي وزارت عظميٰ ۾ جنرل راحيل شريف جيڪو آپريشن ڪيو هو تنهن ۾هر قسم جي دهشت گردي نه رڳو فوري طور تي ختم ٿي وئي هئي پر لڳ ڀڳ پنج سال دهشت گردي مڪمل طور تي بند ٿي چُڪي هئي جيڪو هڪ ريڪارڊ ۽ مثال هو. ملڪي تاريخ ۾ دهشت گردي خلاف پاڻ ايڏو وڏو آپريشن ڪڏهن نه ڏٺو. هاڻي به اهڙي فيصلائتي آپريشن جي ضرورت آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهڙو فيصلائتو آپريشن ڪيئن ٿيو ڇا اهو طريقو وري لاڳو نٿو ٿي سگهي؟ ٻي ڳالهه ته مسافرن کي گاڏين مان لاهڻ ۽ سندن شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري مارڻ واري واردات جي طريقي کي ڇا مضبوط حڪمت عملي سان روڪي نه ٿو سگهجي ڇا ڪي اهڙا سيڪيورٽي جا انتظام ممڪن ناهن ته ان قسم جي واردات وري نه ٿي سگهي.
ان تي به سوچڻ گهرجي ته گهرو وزارت موجوده حالتن ۾ ڇا سڀ کان وڏي چئيلنج ناهي ۽ جيڪڏهن اها سڀ کان وڏي چئيلنج آهي ته ڇا هڪ محسن نقوي کي گهرو وزارت کان علاوه ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين وارو فل ٽائيم عهدو ڏيڻ سندس ذميوارين کي متاثر نه ٿو ڪري؟ اسان جو ته خيال آهي ته کيس گهرو وزارت جي هڪ ئي وزارت ڏيڻ ڪافي آهي، ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرميني جو بار مٿس وجهڻ فضول آهي. اهو ضروري ناهي ته اسٽيبلشمينٽ هر اداري ۾ پنهنجو ماڻهو مقرر ڪري ۽ پوءِ اهو ان شعبي جو ماڻهو نه هجي ته درجن کن ماڻهو پنهنجي صلاحڪاري لاءِ مقرر ڪري. محسن نقوي ڪرڪيٽ بورڊ ۾ ايئن ئي ڪري رهيو آهي. ان ڪري ضروري آهي ته گهرو وزارت کي چئيلنج سمجهي ڪري ڪنهن هڪ ماڻهو کي اها اهم ذميواري ڏجي. گهرو وزارت کي پارٽ ٽائيم جاب ڪري هلائبو ته دهشت گردي ڪئين ختم ٿيندي.
چوڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪنهن به رياست، حڪومت ۽ وزارتن کي هلائڻ لاءِ جيڪا سنجيدگي ۽ عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ لاءِ جيڪا سنجيدگي ۽ اٿارٽي گهربل آهي سا نظر نه ٿي اچي، صرف ۽ صرف زوردار مذمتن سام ڪم نه ٿيندو. رياستي ۽ حڪومتي نظام کي دهشت گردي خلاف مضبوط ٿي ڏيکارڻو پوندو. دهشت گردن آڏو مجبوري لاچاري ۽ بي وسي ڏيکارڻ جو ڪو جواز ناهي. رياستي ۽ حڪومتي نظام کي ان تي سوچڻو پوندو ۽ پنهنجي رٽ هر قيمت تي قائم ڪري ڏيکارڻي پوندي. جيستائين بلوچستان ۾ ڀارت جي ملوث هئڻ جي ڳالهه آهي ته ان معاملي کي پڻ غير معمولي پاليسي سان ڏسڻ گهرجي ۽ سفارتي سطح تي ان معاملي کي اٿاري حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ هر قسم جا اپاءَ وٺڻ جي فوري ضرورت کي محسوس ڪرڻ گهرجي.
جُولاءِ 12, 2025