اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم ايندڙ مهيني ڀارت جي نيرج چوپڙا سان مهاڏو اٽڪائيندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ جيولن ٿروئر ارشد نديم ۽ ڀارت جو نيرج چوپڙا هڪ سال جي وقفي بعد ايندڙ مهيني ٻيهر هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائيندا .
ٻئي رانديگر پولينڊ ۾ ٿيندڙ ڊائمنڊ ليگ مقابلي ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا، پئرس اولمپڪس کانپوءِ ٻنهي جي وچ ۾ 16 آگسٽ 2025ع تي پهريون مقابلو ٿيندو.
ياد رهي ته گذريل سال پئرس اولمپڪس ۾ پاڪستان جي ارشد نديم اولمپڪ گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪيو هو.
ارشد نديم پولينڊ ۾ ڊائمنڊ ليگ ۾ حصو وٺڻ کانپوءِ آگسٽ جي آخر ۾ سوئيٽرزلينڊ ۾ به ڊائمنڊ ليگ ۾ شرڪت ڪندو.
زيورخ ۾ 27 آگسٽ تي شيڊيول مقابلي ۾ ارشد نديم ۽ نيرج چوپڙا جي وچ ۾ دلچسپ مقابلي جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.