گڏيل عرب امارتن جي بينڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب ڊالر جي فنانسنگ جو بندوبست ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب ڊالر جي فنانسنگ جو بندوبست ڪري ورتو.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب، گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) جي بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب ڊالر جي فنانسنگ جو بندوبست ڪري ورتو آهي، جنهن تحت پاڪستان کي 5 سالن جي مدي لاءِ قرض جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.
ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته يو اي اي جي بئنڪ هن فنانسنگ جو بندوبست بين الاقوامي سيڙپڪارن جي سهڪار سان ڪيو، جڏهن ته يو اي اي جي ٻين بئنڪن به لاڳاپيل بئنڪ سان ڀائيواري ڪئي آهي.
ناڻي واري وزارت موجب، ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) فنانسنگ لاءِ پاليسي گارنٽي فراهم ڪئي آهي، جڏهن ته 89 سيڪڙو فنانسنگ اسلامي شريعت موجب حاصل ڪئي وئي آهي.
ان موقعي تي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته هي فنانسنگ سهولت پاڪستان جي معيشت تي بين الاقوامي سيڙپڪارن جي اعتماد جو ثبوت آهي ۽ شريعت موجب فنانسنگ حاصل ڪرڻ پاڪستان جي مالي حڪمت عملي جي ڪاميابي آهي.