ڪي پي سينيٽ چونڊن کان اڳ سياسي جوڙ ٽوڙ تيز، پ پ وفد جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات

خيبرپختونخوا سينيٽ چونڊون: پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ وچ ۾ اهم سياسي ملاقات، اپوزيشن اتحاد لاءِ مشاورت
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ سينيٽ چونڊن کان اڳ سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جي وفد جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان اسلام آباد ۾ اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ خيبرپختونخوا جي سينيٽ چونڊن بابت صلاح مشورا ڪيا ويا.
ملاقات ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، سيد خورشيد شاهه، ظاهر شاهه، اڪرم دراني، مولانا لطف الرحمان، مولانا اسعد محمود، زاهد دراني، اسجد محمود ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا.
گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسان سياسي ماڻهو آهيون، ملاقاتون اسان جو معمول آهن، ڪڏهن آن ڪئميرا ته ڪڏهن آف ڪئميرا، سال جا 12 مهينا ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن.
هن چيو ته تحريڪ انصاف اندروني اختلافن جو شڪار آهي، اسان اپوزيشن پارٽين سان گڏجي خيبرپختونخوا جي سينيٽ چونڊن ۾ وڌيڪ سيٽون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي دور ۾ هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ قدم کنيا هئا، جيڪڏهن هاڻوڪي حڪومت ۽ اپوزيشن گڏجي ڪو فيصلو ڪن ٿا ته بهتر ٿيندو، ٻي صورت ۾ مقابلي ۾ سڀ ڪجهه جائز هوندو.
هن چيو ته سياست ۽ اليڪشن ۾ اتحاد ٺهندا ۽ ٽٽندا رهندا آهن، مولانا فضل الرحمان وٽ اڳ به تحريڪ انصاف جا ماڻهو ايندا رهيا آهن، تنهنڪري اهڙيون ملاقاتون عام ڳالهه آهي.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ماضيءَ ۾ اسان پي ڊي ايم جو حصو نه پر اتحادي هئاسين، خيبرپختونخوا ۾ اپوزيشن جماعتون اي اين پي، جي يو آءِ، پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ پارليامينٽيرين آهي، اسان چاهيون ٿا ته سڀ اپوزيشن پارٽيون گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ملاقات دوران خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي بابت به ڳالهيون ٿيون، جتي حڪومت صوبو دهشتگردن جي حوالي ڪري پاڻ ڦرلٽ جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي.
سندس چوڻ هو ته خيبرپختونخوا جي ڏاکڻن ضلعن ۾ جيڪو علي امين گنڊاپور جو پنهنجو تر آهي اتي شام کانپوءِ دهشتگرد روڊن تي نڪري ايندا آهن، بلوچستان ۾ به افسوسناڪ واقعا پيش اچي رهيا آهن، جيستائين قوم دهشتگردن خلاف متحد نه ٿيندي امن قائم نه ٿيندو.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل جي ايجنڊا تي ڪم ڪندڙن خلاف گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته 2008 کان 2013 تائين اسان خيبرپختونخوا ۾ امن قائم ڪيو هو، جنهن کي هاڻوڪي حڪومت تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته بلوچستان ۾ ٿيندڙ گهڻن دهشتگرد حملن ۾ افغانستان، ڀارت ۽ اسرائيل جو ڳٺ جوڙ شامل آهي، جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ به افغانستان جي سرزمين استعمال ٿي رهي آهي، افغان حڪومت کي بار بار چيو ويو آهي ته پنهنجي زمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏي، پر اڃا تائين ڪو اثر نه ٿيو آهي.
گورنر چيو ته پاڪستان جي فوج پنهنجن دشمنن کي منهن ڏيڻ ڄاڻي ٿي ۽ اسان پنهنجن دشمنن کي شڪست ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.