ڪيترائي مهينا اڳ فوت ٿيل اداڪارا حميرا جو مڙهه لاهور ۾ مٽي ماءُ حوالي

Spread the love

ڪراچي (ويب ديڪس) جي علائقي ڊفينس جي فليٽ مان مئل حالت ۾ ملندڙ ماڊل ۽ اداڪارا حُميــرا اصغر کي لاهور ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ مٽيءَ حوالي ڪيو ويو.

ماڊل ۽ اداڪارا حُميــرا اصغر جي تدفين لاهور جي “پنڊي راجپوتن” قبرستان ۾ ڪئي وئي.

ياد رهي ته 8 جولاءِ تي اداڪارا حُميــرا اصغر جو لاش ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 6 جي هڪ فليٽ مان هٿ آيو هو، هوءَ گذريل 7 ورهين کان انهي ڪرائي جي فليٽ ۾ رهندي پئي آئي ۽ هوءَ 2018ع ۾ لاهور مان ڪراچي منتقل ٿي هئي.

حُميــرا اصغر ست ورهين کان اڪيلي اُن فليٽ ۾ رهندي رهي، هن اهو 2018ع ۾ فليٽ ڪرائي تي ورتو هو، جڏهن ته هوءَ 2024ع کان فليٽ جو ڪرايو نه پئي ڏنو. ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ ۾ گهر مالڪ سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، بيلف آيو ته دروازو بند هو، دروازو نه کولجڻ تي جڏهن دروازو ٽوڙيو ويو ته ڪمري جي فرش تي عورت جو پيل لاش مليو.

پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب اداڪارا جي لاش کي 8 کان 10 مهينا گذري چڪا هئا، سندس جسم جي ڪا به هڏي ڀڳل نه ڏٺي وئي. اداڪارا جي وارن ۽ شرٽ جا ٽڪرا ڪيميائي جاچ لاءِ موڪليا ويا هئا، جڏهن ته لاش جي هيٺئين حصي جو گوشت مڪمل طور تي سڙي چڪو هو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته لاش مڪمل ڳرڻ جي آخري مرحلي تي پهتل هو ۽ اُن ۾ ڪيڙا پڻ پئجي ويا هئا.

گذريل ڏينهن حُميــرا اصغر جو ڀاءُ نويد اصغر ۽ سندس ٻيا مٽ مائٽ ڪراچي ۾ سماجي اداري جي سردخاني مان سندس لاش وصول ڪري، ساڳي ڏينهن لاهور روانا ٿي ويا هئا.

جُولاءِ 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو