ٺٽو: ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جو اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر جو دورو، معذور شهرين کي ووٽ جي اهميت بابت آگاهي فراهم

Spread the love

ٺٽو ( نظير احمد قريشي)  ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر سيده حميرا بنت معاذ  ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراني ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان گڏ اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر مڪلي جو دورو ڪيو ۽ معذور مردن ۽ عورتن سان ووٽر رجسٽريشن، ووٽ جي طاقت ۽ اهميت بابت گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي پرنسپل اعجاز علي سولنگي پڻ موجود هو.

 ضلعي اليڪشن ڪمشنر سيده حميرا بنت معاذ ، معذورن سان ڳالهائيندي چيو ته اهي ماڻهو مختلف صلاحيتن جا مالڪ آهن، جن کي الله تعاليٰ ڪيترين ئي صلاحيتن سان نوازيو آهي، هي رب العالمين جي سڀ کان خوبصورت ۽ خاص تخليق آهن ۽ پاڪستان جي شهرين جي سمورن آئيني حقن ۾ برابر جا شريڪ آهن. هن چيو ته ووٽ هڪ قومي فرض آهي،

 ووٽ داخل ڪرائڻ ۽ ڏيڻ آئيني حق آهي جڏهن ته ووٽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي نظام جو ضامن به آهي، جيڪو پاڪستان جي جمهوري نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ شاندار عمل آهي، جنهن ۾ شرڪت هر پاڪستاني جو پهريون قومي فرض آهي.

جُولاءِ 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو