نااهلي ريفرنس معاملو: پي ٽي آءِ ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پاران ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي ميمبرن ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر وچ ۾ ڳالهين جو عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ جي 26 ميمبرن جي نااهلي واري ريفرنس واري معاملي تي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن وچ ۾ اهم ملاقات ٿي.
معطل ٿيل مخالف ڌر جي ميمبرن، اپوزيشن ليڊر ملڪ احمد خان بڇر جي قيادت ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان سان ملاقات ڪئي
هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وڌيڪ جاري رهندڙ ملاقات ۾ مختلف معاملا غور هيٺ آيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڄ ئي ڳالهين جو ٻيون دور شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
ياد رهي ته 27 جون تي پنجاب اسيمبلي جي اجلاس دوران مخالف ڌر جي ميمبرن گوڙ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ اسپيڪر 26 ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪندي سندن نااهلي لاءِ ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلڻ جو اعلان ڪيو هو.