ملڪ ۾ کنڊ وڌيڪ مهانگي، شماريات کاتي نوان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي شماريات کاتي ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن بابت نوان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت وڌيڪ وڌي وئي آهي ۽ في ڪلو کنڊ 200 رپين تائين پهچي وئي آهي.
شماريات کاتي موجب، ڪراچي، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ کنڊ 200 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.
شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي سراسري قيمت 188 رپيا 44 پئسا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته هڪ هفتي دوران سراسري قيمت ۾ 3 رپيا 52 پئسا في ڪلو اضافو ٿيو، گذريل هفتي اها قيمت 184 رپيا 92 پئسا في ڪلو هئي.
شماريات کاتي موجب، گذريل سال کنڊ جي سراسري قيمت 145 رپيا 88 پئسا في ڪلو هئي.
ٻئي پاسي وفاقي حڪومت 5 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ جي درآمد جو باظابطا عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان 3 لک ٽن کنڊ جي درآمد لاءِ پهريون ٽينڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ عالمي سپلائرز ۽ مينوفيڪچرز کان 18 جولاءِ تائين بند لفافي ۾ ٻوليون طلب ڪيون ويون آهن.