ملڪ ۾ چوماسي جي شديد برساتن جي اڳڪٿي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 13 کان 16 جولاءِ دوران وچولي کان تيز چوماسي برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
اين اي او سي پاران جاري ڪيل ايڊوائزري ۾ عوام کي احتياطي اپاءُ وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
اڳڪٿي موجب، نار بنگال ۽ عربي سمنڊ مان ايندڙ هوائن ۽ هڪ فعال اولهندي لهر جي نتيجي ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ وچولي کان شديد چوماسي برساتن جو امڪان آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌو، ڪابل، جهلم (منگلا اپ اسٽريم) ۽ چناب درياهن جي پاڻيءَ جي سطح ۾ نمايان اضافو ٿي سگهي ٿو.
ايڊوائزري موجب تربيلا، تونسا ۽ گڊو بئراج وٽ هن وقت هيٺين درجي جي ٻوڏ، جڏهن ته ڪالا باغ ۽ چشما وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ موجود آهي.
اين ڊي ايم اي موجب، ايندڙ هفتي دوران تونسا سميت سنڌو درياهه جي ڪيترن ئي هنڌن تي هيٺين کان وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار رهڻ جو امڪان آهي، چناب درياهه جي مرالا ۽ خانڪي وارن هنڌن تي هيٺين سطح جي ٻوڏ اچي سگهي ٿي، جڏهن ته ڪابل درياهه ۾ نوشهرا وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ جو امڪان آهي.
سوات درياهه ، پنجڪوڙا جي ننڍن ڪينالن ۽ نالن ۾ تيز برساتن سبب پاڻي جي سطح ۾ واڌ متوقع آهي.
ڊيرا غازي خان ۽ راڄن پور جي جابلو نالن ۾ وچولي کان سخت چاڙهه جو امڪان آهي، جڏهن ته بلوچستان جي اتر اوڀر وارن ضلعن، جھل مگسي، ڪڇي، سبي، قلعو سيف الله، زوب ۽ موسيٰ خيل وارن علائقن ۾ به نالن ۽ درياهن ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ جو خطرو آهي.
ان کانسواءِ ڏکڻ بلوچستان جي ضلعن خضدار، آواران، لسٻيلي ۽ قلات ۾ به مقامي ندين ۽ نالن ۾ اوچتو ٻوڏ اچڻ جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي موجب، تربيلا ڊيم 74 سيڪڙو ۽ منگلا ڊيم 44 سيڪڙو پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش مڪمل ٿي چڪي آهي آهي.
اين ڊي ايم اي ماڻهن کي مشورو ڏنو آهي ته درياهن، نالن ۽ برساتي نئن جي ويجهو رهندڙ ماڻهو خبردار رهن، خاص طور تي رات جو پاڻي جي سطح ۾ اوچتو اضافو ٿي سگهي ٿو، ماڻهن کي گهرن مان محفوظ رستن جي اڳواٽ نشاندهي ڪرڻ، قيمتي سامان، گاڏيون ۽ ڍور محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ سميت 3 کان 5 ڏينهن جي خوراڪ، پاڻي ۽ دوائن جو بندوبست ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ايڊوائزري ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پنجاب جي اتر اوڀر ۽ وچولن ضلعن جي اتنظاميا کي برساتي پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڊي واٽرنگ مشينري وقت سر تيار رکي.
اين ڊي ايم اي عوام تي زور ڏنو آهي ته هو ٽي وي، ريڊيو، موبائل الرٽس ۽ اين ڊي ايم اي ڊيزاسٽر الرٽ ايپ ذريعي صورتحال بابت باخبر رهن ۽ پُلن، نئن ۽ پاڻيءَ هيٺ آيل رستن تان لنگهڻ کان پاسو ڪن.
اين ڊي ايم اي چيو آهي ته صورتحال تي ڪڙي نظر رکي پئي وڃي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ آهيون ته جيئن وقت سر الرٽ جاري ڪري سگهجن.

جُولاءِ 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو