ملڪ جي 7 وڏن شهرن ۾ اين آءِ آر سي ڪورٽون وڊيو لنڪ سان ڳنڍيون ويون، عدالتي خرچن ۽ وقت جي بچت، نظام ۾ مؤثريت آئي

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) ملڪ جي ستن وڏن شهرن ۾ اين آءِ آر سي (NIRC) ڪورٽون وڊيو لنڪ سسٽم سان ڳنڍي ڇڏيون ويون، جنهن سان عدالتي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي. وڊيو لنڪ سسٽم جي تنصيب کانپوءِ هاڻ سائل، وڪيل ۽ ججن لاءِ نه صرف خرچن ۾ گهٽتائي ٿي آهي، پر وقت ۽ وسيلن جي به وڏي بچت ٿي رهي آهي.

آل پاڪستان يوٽيلٽي اسٽورز ورڪرز يونين (سي بي اي) جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقيوم برڙو موجب، صنعتي تڪرارن جي حل لاءِ قائم نئشنل انڊسٽريل رليشنز ڪميشن (NIRC) جي عدالتن کي جديد طريقي سان ڊجيٽل بڻايو ويو آهي ۽ ملڪ جي 7 وڏن شهرن ۾ وڊيو لنڪ جي سهولت مهيا ڪئي وئي آهي.عبدالقيوم برڙو، اين آءِ آر سي جي چيئرمين جسٽس (رٽائرڊ) شوڪت عزيز صديقي جي هن قدم کي ساراهيندي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته وڊيو لنڪ جي سهولت سان هاڻ سائلين،

 وڪيلن ۽ ججن کي ٻين شهرن جي غير ضروري سفر کان ڇوٽڪارو ملي ويو آهي، جنهن سان عدالتي ڪارروائين ۾ تيزي، سستي ۽ مؤثريت آئي آهي، ۽ قومي خزاني تي پوندڙ بوجهه به گهٽجي ويو آهي.هن ٻڌايو ته عدالتن ۾ ججن جي سفري خرچن  جي مد ۾ هر سال لکين رپيا بچايا پيا وڃن. وڪيل هاڻ ڪنهن به اين آءِ آر سي جي بينچ آفيس مان ملڪ جي ٻين شهرن ۾ هلندڙ ڪيسن ۾ وڊيو لنڪ ذريعي دليل ڏئي سگهن ٿا، جيڪو عدالتي نظام ۾ ڊجيٽل سڌارن ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي آهي.

جُولاءِ 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو