شاھ لطيف پوليس جي ڪامياب ڪارروائي: بين الصوبائي موٽر سائيڪل چور ٽولي جا 6 ڪارندا گرفتار، هٿيار ۽ چوري ٿيل گاڏيون هٿ
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي)شاھ لطيف پوليس جي ڪارروائي، بين الصوبائي موٽر سائيڪل چوري ڪندڙ ٽولي جا 6 ڪارندا گرفتار شاھ لطيف ٿاڻي جي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري منزل پمپ ويجهو بين الصوبائي موٽر سائيڪل چور ٽولي جي ڇهن ڪارندن کي گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ گينگ جو سربراهه به شامل آهي.ايس ايس پي ملير مطابق گرفتار ملزمان ۾ غلام نبي، شهزاد عرف جوني،
مجاهد، راجا عباس، بلال ۽ فصي خان شامل آهن، جيڪي هڪ سرگرم ۽ منظم موٽر سائيڪل چوري ڪندڙ نيٽ ورڪ سان تعلق رکن ٿا. اهو گروھ سنڌ سميت ٻين صوبن ۾ شهري ماڻهن کان موٽر سائيڪلون ڦر ڪري وڪرو ڪندو هو.ايس ايس پي موجب، گرفتار ٿيل جوابدار شاھ لطيف سميت ڪراچي جي ٻين ٿاڻن جي حدن ۾ ٿيندڙ اسٽريٽ ڪرائيم واقعن ۾ پڻ ملوث آهن.
گروپ جو سرغنو غلام نبي ڪراچي مان موٽر سائيڪلون ڦر ڪرائي، اندرون سنڌ سميت ٻين علائقن ڏانهن موڪليندو هو.پوليس جي مطابق، جوابدارن وٽان 4 موٽر سائيڪلون، پسٽل سميت گوليون،
موبائيل فون ۽ نقد رقم هٿ آئي آهي. موٽر سائيڪلن جو ريڪارڊ AVLC اختيارين سان چيڪ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته جوابدارن جو وڌيڪ ڪرمنل ريڪارڊ مختلف ٿاڻن کان حاصل ڪيو پيو وڃي. پوليس گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي
جُولاءِ 11, 2025