سڪرنڊ: گندي پاڻي ۽ ڪچري خلاف رهواسين جو ٽائون ڪاميٽي آڏو بک هڙتال ۽ احتجاج، مسئلا حل ڪرڻ جو مطالبو

Spread the love

سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ شهر جي مختلف ڪالونين عظيم، ڪالوني، عباس ٽائون، سيد شبير احمد شاه سٽي ۾ گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ۽ شهر جو ڪچرو ڪالونين ۽ محلن ۾ اڇلائڻ خلاف مٿي ڄاڻايل ڪالونين جي رهواسين ڪشمير خان ڪيريو، غلام مهدي، جاني مغل، استاد علي اڪبر چانڊيو، شاه نواز مري، گلزار رند، گلشير رند، ونود جنڊاهوڙو، غلام ڪيريو،

 ايوب کوسو، جنيد جمالي ۽ ٻين پاران ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي گيٽ اڳيان بک هڙتال ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن چيو ته سڄي شهر جو گندو پاڻي ۽ اسان جي رهائشي ڪالونين ۾ نيڪال ڪيو وڃي ٿو، جنهن ڪري پاڻي گهرن ۾ ڪاهجي پيو آهي. گند ڪچرو گهٽين ۾ اڇلائڻ سبب رستا بند ٿي ويا آهن.

 هنن چيو ته اسان ٽائون انتظاميا کي بار بار گذارش ڪئي آهي پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. انڪري اڄ ھڙتال ڪري احتجاج ڪري رهيا آهيون ته گٽرن واري گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو ڪو متبادل بندوبست ڪيو وڃي ۽ اسان جي رهائشي ڪالونين ڏانهن ايندڙ پاڻي بند ڪيو وڃي ۽ گند ڪچرو شهر کان پري ٻاهر اڇلايو وڃي. هنن چيو ته گندي پاڻي ۽ ڪچري سبب پيئڻ جو پاڻي خراب ٿي ويو آهي. مڇرن ۽ مکين جيڪري بيماريون وڌي ويون آهن. اگر هي ديرينه مسئلو حل نه ڪيو ويو ته مسلسل احتجاج جاري رکيو ويندو.

جُولاءِ 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو