دادو: ٽي ايل پي اڳواڻن پاران پوليس مقابلو جعلي قرار، بيگناھ ڪارڪنن جي آزادي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي صوبائي اڳواڻ محمد يحييٰ قادري، صوبائي ليگل ايڊوائيزر سليمان سروري، ذيشان رباني، غلام مصطفيٰ لاشاري، حافظ راشد عمراڻي پنھنجي جماعت ٽي ايل پي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏ دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دادو ۾ 22 ڏينھن اڳ ھٿياربند ڏوھارين پاران خداآباد پوليس اسٽيشن جي حد ۾ پوليس اھلڪار ذوالفقار پنھور کي گوليون ھڻي شھيد ڪيو ھو
مقتول پوليس اھلڪار جي قتل واقعي بعد سرڪاري مدعيت ۾ خداآباد پوليس اسٽيشن تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، اڳواڻن چيو ته ان قتل واقعي ۾ اسان جي ٻن بيگناھ ڪارڪنن سعيد سيال ۽ غلام ياسين آرائين کي دادو پوليس گرفتار ڪري ھڪ جعلي مقابلي ۾ زخمي ڪيو آھي، اسان چئون ٿا اھو پوليس مقابلو جعلي آھي ان پوليس مقابلي جي سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس کان عدالتي جاڇ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيون ٿا، اڳواڻن جو چوڻ ھو ته شھيد پوليس اھلڪار ذوالفقار پنھور جي قتل واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فلفور گرفتار ڪيو وڃي ۽ شھيد اھلڪار جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيل بيگناھ اسان جي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، مٿن داخل ڪيل ڪيس خارج ڪيا وڃن،
اڳواڻن آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ پوليس جي اختتيارين کان مطالبو ڪيو ته ھن جعلي پوليس مقابلي جي انڪواري ڪرائي وڃي ۽ پوليس مقابلي جي دعويدار ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي ۽ ايس ايڇ او بي سيڪشن دادو انسپيڪٽر بينظير جمالي کي ھٽايو وڃي، دادو ۾ پوليس جون ظالماڻه ڪاروايون بند ڪيون وڃن ھنن پنھنجي پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ چيو ته شھيد پوليس اھلڪار ذوالفقار پنھور جي وارثن پاران جيڪي اسان جي ڪارڪنن سعيد سيال ۽ غلام ياسين آرائين خلاف پريس ڪانفرنس ذريعي الزام لڳا آھن اھي بيبنياد آھن
اسان پنھنجي گرفتار ڪارڪنن جي قانوني اخلاقي مدد جاري رکنداسين، جڏھن ته پريس ڪانفرنس دوران صوبائي ايڊوائيزر ايڊووڪيٽ سليمان سروري جو چوڻ ھو ته پوليس انسپيڪٽر بينظير جمالي کي سنڌ ھاء جي ھڪ آرڊر موجب پنھنجي ھوم ڊسٽرڪٽ ۾ پوليس جي ڊيوٽي ڪرڻي نه آھي اھڙو ڪورٽ سڳوري جو نوٽيفڪيشن پڻ ميڊيا کي ڏيکاريو ويو سندس دادو ۾ مقرري ڪورٽ جي حڪم جي نفي آھي،
ان کي به عدالت ۾ چئلينج ڪنداسين دادو پوليس جون ناحق ڪارويون بند نه ٿيون ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان پوليس جي ظلمن خلاف پنھنجو احتجاج جاري رکندي،
جُولاءِ 11, 2025