دادو: جماعت اصلاح المسلمين پاران امام حسين عليه السلام جي شان ۾ جلسو، ذڪر، مراقبو ۽ ننگر حسيني پيش

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي)  جماعت اصلاح المسلمين برانچ اقصيٰ مسجد ٽرينگ ڪاليج دادو پاران امام عالي مقام حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ڪربلا جي شهيدن جي شان ۾ جلسو منعقد ڪيو ويو. جلسي ۾ برانچ جي سرپرست خليفہ پروفيسر نعمت الله قريشي، ضلعي عھديدار غلام نبي ميمڻ طاهري، حبدار علي ٻٻر طاھري،

 برانچ عھديداران عابد علي منگي، محمد ياسين ميراڻي، عبدالاحد لغاري، غلام رسول وگھيو ڪامران لغاري، عبدالمنان لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مشهور مبلغ مولانا محمد عظيم مهيسر حضرت امام حسين عليه السلام جي شان عظمت ۽ ڪربلا جي واقعي تي روشني وڌي. آخر ۾ برانچ جي سرپرست خليفي پروفيسر نعمت الله قريشي دل جي ذڪر جو طريقو بيان ڪيو ۽ مراقبو ڪرايو. آخر ۾ ننگر حسيني پيش ڪيو ويو،

جُولاءِ 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو