دادو: امڪاني برساتن بابت ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ اهم اجلاس، نيڪاسي، اسپري مهم ۽ هنگامي رٿابندي تي سخت هدايتون جاري
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) حڪومت سنڌ جي هدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضیٰ علي شاهه جي صدارت هيٺ امڪاني برساتن جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل لائين ڊپارٽمنٽس جو اهم اجلاس ڪوٺايو ويو. اجلاس دوران ضلعي ۾ تيارين ۽ ماسٽر پلانز جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.ميونسپل ڪاميٽي دادو ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي آفيسرن پنهنجي پنهنجي اداري جي ماسٽر پلان بابت ڊپٽي ڪمشنر کي بريفنگ ڏني.
ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل ادارن جي انتظامن کي اطمينان جوڳو قرار نه ڏيندي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ کين هدايت ڪئي ته فوري طور تي برسات جي پاڻي جي نيڪالي لاءِ جامع ۽ اثرائتو پلان ترتيب ڏنو وڃي ته جيئن عوام کي پريشاني کي منھن نه ڏيڻو پوي. ڊپٽي ڪمشنر دادو واضح ڪيو ته شهرن ۾ موجود مين ڊرينج نالن جي فوري صفائي ڪئي وڃي ۽ انهن مان سڀني رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي. ميونسپل ڪاميٽين کي هدايت ڪئي وئي ته سڀني چيڪنگ پوائنٽس، هيٺاهين ۽ ڪچين آبادين ۾ برسات جي پاڻي جي نيڪال لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن ته جيئن پاڻي روڊن ۽ علائقن ۾ نه بيھي.
ان کان سواءِ سڀني پمپنگ اسٽيشنن کي مڪمل فعال ڪيو وڃي ۽ انهن تي ٽيڪنيڪل عملي جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي کي چيو ويو ته پنهنجا سڀ ڊرينج نظام جلد مڪمل ڪري فعال بڻائن ۽ انهن جي ڊزائين ۽ روٽس تي ميونسپل ڪاميٽين سان مڪمل هم آهنگي سان ڪم ڪيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته هنگامي حالتن ۾ سڀني لاڳاپيل ادارن وچ ۾ رابطن ۽ هم آهنگي کي يقيني بڻايو وڃي، خاص طور تي پبلڪ هيلٿ ۽ ميونسپل ادارن جي وچ ۾ مضبوط رابطا قائم ڪيا وڃن ته جيئن برساتن جي صورت ۾ برساتي پاڻي جو نيڪال ٿي سگھي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪري سگهجي.
ڊپٽي ڪمشنر دادو اجلاس دوران ڊي ايڇ او دادو کي هدايت ڪئي ته برساتن دوران شهرين کي اسپتالن ۾ صحت جون بھتر سهولتون مهيا ڪيون وڃن ۽ ضلعي اندر مڇرن جي خاتمي لاءِ اسپري مهم به فوري طور تي شروع ڪئي وڃي. اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر سيد امداد علي شاھ، اسسٽنٽ ڪمشنر دادو سميع الله وڳڻ، ايڪسئين پبلڪ هيلٿ لعل ڏنو، چيف ميونسپل آفيسر مختيار راهپوٽو، ميونسپل آفيسر جاويد راهپوٽو، ايڪسئين روڊز مقبول کوسو، اسسٽنٽ انجنيئر پراونشل هاءِ ويز الطاف ميمڻ سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي،
جُولاءِ 11, 2025