ايشيا ڪپ: ڀارتي انتهاپسندن جون ڌمڪيون، پاڪستان هاڪي ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جو فيصلو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي انتهاپسندن جي ڌمڪين کانپوءِ پاڪستان هاڪي ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. حڪومتي ذريعن موجب، پاڪستان جي هاڪي ٽيم هاڻي ڀارت ۾ رٿيل ايشيا ڪپ هاڪي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت نه ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان هميشه راندين کي سياست کان مٿانهون رکيو آهي، پر افسوس ته ڀارت راندين کي به سياست جي ور چاڙهي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي.
حڪومتي ذريعن موجب، ڀارتي ميڊيا پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهي آهي ۽ ڀارتي انتهاپسند تنظيمون پاڪستان هاڪي ٽيم واضح انداز ۾ ڌمڪيون ڏئي رهيون آهن.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڀارت ۾ سيڪيورٽي خدشن جي ڪري رانديگرن کي موڪلڻ ممڪن ناهي.

جُولاءِ 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو