ڦلجي اسٽيشن: برسات سبب ڀت ڪرڻ سان 4 ورهين جو معصوم نينگر فوت، گهر ۾ ڪهرام

Spread the love

ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: غلام حيدر پنھور) مون سون جي برسات سبب ڳوٺ پراڻو ديرو ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبڀ 4 ورهين جو معصوم نينگر راحب علي  ولد وريام  دٻجي فوت ٿي ويو ، نينگر کي بيھوشي جي حالت ۾ سول  اسپتال دادو نئيو ويو جتي ڊاڪٽر پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي ،  نينگر جو  لاش ايمبولينس ذريعي دادو کان ڳوٺ پراڻو ديرو آندو ويو ،

لاش گھر پھچڻ تي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو ، ان موقعي تي نينگر جي پيء  وريام پتافي روئيندي ٻڌايو ته برسات بند ٿيڻ  کان پوء پٽ سائيڪل تي چڙهي گهر اندر راند کيڏي رهيو هو ته اچانڪ گھر جي ڀت پٽ جي مٿان ڪري پئي ۽ پٽ ڀت هيٺان دٻجي فوت ٿي ويو اسان ڀت جو ملبو هٽائي پٽ کي بيهوشي واري حالت ۾  ٻاھر ڪڍيو ۽ پٽ کي دادو  اسپتال پهچايو جتي ڊيوٽي  ڊاڪٽر پٽ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي ،جنهن کان پوء پٽ جو لاش گهر کڻائي آياسين .

جُولاءِ 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو