ٺٽو: سول اسپتال مڪلي جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ايئرڪنڊيشن درست، بابو احسان ڀٽو جي دوري بعد انتظاميا حرڪت ۾

Spread the love

ٺٽو (رپورٽ: نظير احمد قريشي)  سول اسپتال ٺٽو مڪلي جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ايئرڪنڊيشنن جي مرمت، مريضن کي رليف فراهم – پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي ضلعي صدر بابو احسان ڀٽو جو اوچتو دورو اثرائتو ثابت،

شھيد ڀٽو ضلعي ٺٽي جي صدر ۽ سوشل ورڪر بابو احسان ڀٽو، آفاق احمد سھتو سان گڏجي محرم الحرام جي شروعاتي ڏينھن ۾ سول اسپتال ٺٽو مڪلي جي ايمرجنسي وارڊ جو اوچتو دورو ڪيو. دورو دوران اسپتال ۾ موجود مريض شديد گرميءَ سبب پريشان ۽ لاچار نظر آيا. وارڊ ۾ نه ته ايئرڪنڊيشن ڪم ڪري رهيا هئا ۽ نه ئي گرمي کان بچاءَ لاءِ مناسب بندوبست موجود هو.

صورتحال جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي بابو احسان ڀٽو ۽ سِوِل سوسائٽيءَ جي ساٿين سوشل ميڊيا جي ذريعي اسپتال جي حالت بابت آواز اٿاريو. فيسبوڪ ۽ واٽس ايپ گروپن تي هلندڙ پوسٽن جي نتيجي ۾ سول اسپتال ٺٽو مڪلي جي انتظاميا ۽ سول سرجن نوٽيس وٺندي ايمرجنسي وارڊ ۾ ايئرڪنڊيشن جي فوري مرمت ڪرائي.

اڄ ٻيهر بابو احسان ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ اوچتو دورو ڪيو ويو، جتي وارڊ ۾ لڳل ايئرڪنڊيشن صحيح نموني ڪم ڪري رهيا هئا ۽ مريضن کي ٿڌڙي هوا مهيا ٿي رهي هئي، جيڪا اسپتال جي سهولتن ۾ واضح بهتري جو اشارو آهي.

هن دوري دوران بابو احسان ڀٽو سان گڏ آفاق احمد سھتو، شاھد جاکرو، ثناءُالله ميمڻ، سجاد خشڪ ۽ نويد خشڪ پڻ موجود هئا.

جُولاءِ 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو