مٺي: گرلس ڊگري ڪاليج زبون حالي جو شڪار، عمارت ۽ ليبارٽريون خطري ۾

Spread the love

مٺي(رپورٽ: الهڏنو بجير) مٺي جي واحد گرلس ڊگري ڪاليج جي عمارت زبون حالي جو شڪار ٿي ويئي آھي ۽ ڪيترن ئي سالن کان عمارت جي مرمت نه ٿيڻ سبب ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا آھن ان کان سواءِ سائنس جي ٻنهي ليب جي ڪمرن تان ڇاپڙ ڪري رهيا آھن جنهن ڪري ليب ۾ پيل سامان ڪاليج انتظاميه مجبور ٿي ٻين ڪمرن ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن ته پاڻي جي نيڪلائي جو سسٽم بهتر نه هجڻ جي ڪري برساتي پاڻي پڻ عمارت جي اندر گڏ ٿي رهيو آھي.

 ۽ ليب جا ڪمرا ڪنهن به وقت ڪري پوڻ جو امڪان آھي پر تعليم کاتو گرلس ڪاليج مٺي جي مرمت طرف ڪوبه توجھ ڏيئي نه رهيو آھي جنهن ڪري ڪاليج ۾ پڙھندڙ نياڻين جي تعليم مُتاثر ٿيڻ توڙي ڪنهن به امڪاني نقصان ٿيڻ جو انديشو آھي

 هتان جي شھرين توڙي باشعور حلقن ۽ زير تعليم نياڻين جي والدين وزير اعليٰ سنڌ، صوبائي وزير تعليم ۽ ٿر جي چونڊيل نمائندن کان پروز مطالبو ڪيو آھي ته گرلس ڊگري ڪاليج مٺي جي زبون حالي جو فورن نوٽيس وٺي جلد مرمت ڪرائي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي.

جُولاءِ 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو