عمران خان جي پٽن ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته 26 نومبر کان به سخت مرمت ڪنداسين: ن ليگ

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيـل ملڪ چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني جي پٽن جو مقصد سياسي انتشار پکيڙڻ آهي ته کين پاڪستان اچڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عقيـل ملڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جا پٽ قاسم ۽ سليمان برطانوي شهري آهن، جيڪڏهن سندن مقصد سياسي ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ آهي ته کين پاڪستان اچڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي جي ميمبر شاهد خٽڪ چيو ته قاسم ۽ سليمان سياست ڪرڻ لاءِ نه پر پنهنجي پيءُ جي آزادي لاءِ پاڪستان اچي رهيا آهن.
پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ناصر حسين شاهه چيو ته پي ٽي آءِ باني بهادريءَ سان جيل ڪاٽي آهي، سندس پٽ قاسم ۽ سليمان برطانوي شهري آهن، جيڪي هتي سياسي سرگرمين ۾ حصو نٿا وٺي سگهن.
هواڏنهن مسلم ليگ ن جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني جي ٻارن کي پاڪستان اچڻ گهرجي ته جيئن ڏسن ته سندن پيءُ ملڪ سان ڪهڙي هٿ چراند ڪي.
هن وڌيڪ چيو ته هو پاڪستان اچن، قانون جي دائري ۾ احتجاج ڪن، حڪومت سيڪيورٽي فراهم ڪندي پر جيڪڏهن لاقانونيت ۽ بغاوت ڪئي وئي ته 26 نومبر کان به سخت مرمت ڪنداسين.

جُولاءِ 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو