سڪرنڊ: پلاٽ جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ سبب نوجوان قتل
سڪرنڊ (رپورٽ :راج ڪماراوڏ ) سڪرنڊ لڳ کڏھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ سيد محرم علي شاه ۾ سيد برادري جي ٻن ڌرين ماروٽن ۽ ڦپاٽن ۾ پلاٽ جي مالڪي واري تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 24 ورهين جو نوجوان سيد جابر علي شاه سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي فورن نازڪ حالت ۾ تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو پر زخم گهرا هئڻ سبب زخمن جا سور نه نه سھندي نوجوان فوت ٿي ويو
اسپتال ۾ موجود فوتيءَ جي چاچي سيد عالم شاه جو چوڻ هو ته اسين ٻئي ڌريون پاڻ ۾ عزيز آهيون پلاٽ جي مسئلي تان جھيڙو ٿيو جنهن تي سيد امام علي شاھ گوليون ھڻي نوجوان قتل ڪري وڌو هوڏانهن ڊاڪٽرن پاران ضروري ڪاغذي ڪاروائي بعد لاش حوالي ڪيو ويو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو کڏھر پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي :
جُولاءِ 10, 2025