سيوهڻ: 13 محرم تي سوئم شهيد ڪربلا جي حوالي سان ماتمي جلوس، عزادارن جي وڏي انگ ۾ شرڪت

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي):- سيوهڻ شريف ۾ 13 محرم الحرام سوئم شهيد ڪربلا جي حوالي سان  حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء  سيد شير ابدال شاه سبزواري جي نگراني ۾ ڪافي چهل ابدال کان ذوالجناح  جو ماتمي جلوس برآمد ٿيو،  ھي ماتمي جلوس  مقرر روايتي رستن تان ٿيندو حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليہ  جي مزار تي پهتو، جتي عزادارن طرفان نوحا خاني ۔ مجلس عزا ۽  نماز مغربين ادا ڪئي وئي، جڏهن ته عزادارن طرفان سينا زني ڪندي ڪربلا جي شهيدن کي پرسو پيش ڪيو ويو،

 ان موقعي تي جلوس جي سرپرست سيد شير ابدال شاه سبزواري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  13 محرم الحرام سوئم شھيد ڪربلا جي حوالي سان ھي ماتمي جلوس ھر سال جيان  ھن سال به برآمد ڪيو ويو، ھن جلوس ۾ سيوھڻ شھر جي ساداتن سان گڏ سيوھڻ پر پوري سنڌ جي عزادارن جن ۾ خيرپور ميرس، شھدادپور ۽ جيڪب آباد جي عزادارن شرڪت ڪئي،

جڏھن ته ھن ماتمي جلوس ۾ سيڪيورٽي جا  انتھائي سخت انتظام ڪيا ويا ھئا، جڏھن ته سيوھڻ تعلقي جي انتظاميہ طرفان ڀرپور تعاون ڪيو ويو، ھن ماتمي جلوس جي روٽ تي ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ طرفان صفائي جا بھترين انتظام ڪيا ويا ھئا.

جُولاءِ 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو