سانگهڙ: يو سي ڍورو جانب ۾ برسات سبب متاثر بجلي جي بحالي جو ڪم جاري، اعجاز باجوه جي ڪوششن تي عوام خوش
سانگهڙ (رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ويجهو يو سي ڍورو جانب ۾ بجلي جي بحالي جو ڪم تيزيءَ سان جاري ڪجھ ڏينھن ۾ بجلي بحال ڪئي ويندي، اعجاز باجوہ۔ تازين برساتن سبب بجلي جا 30 کنڀا ڪري ويا ھئا جنھن جي بحالي جو ڪم تيزيءَ سان شروع ٿي ويو آهي، اسان جي وڌ ۾ وڌ اھا ڪوشش آهي ته جلد م جلد بجلي بحال ٿي سگھي،
اھڙن خيالن جو اظهار علائقي جي معزز ۽ سماجي شخصيت چوڌري اعجاز احمد باجوه ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ علائقي ۾ بجلي نه هئڻ سبب علائقو اونداھيءَ ۾ ٻڏل ھو ۽ بجليءَ تي هلندڙ سمورو ڪاروبار معطل ھو، جنھنڪري علائقي واسي پريشاني ۾ مبتلا ھئا، ھی منھنجو ذاتی مسئلو ناھي پوري عوام جو مسئلو آهي،
عوامي مسئلا حل ڪرڻ اسان جي فرض ۾ شامل آھي، ٻئي پاسي علائقي جي عوام ۾ خوشي جي لهر پيدا ٿي وئي آهي عوام جو چوڻ ھو تہ اسان ٿورائتا آهيون اعجاز باجوه جا جنھن بجلي جو مسئلو حل ڪرايو، علائقي جي عوام پاران سماجي شخصيت اعجاز باجوه جي ڪوشش کي ساراهيو پيو وڃي،
جُولاءِ 10, 2025