سانگهڙ: ضلعي ڪائونسل پاران 92 ڪروڙ رپين جي بجيٽ منظور، ترقياتي ڪمن لاءِ رقم مختص

Spread the love

سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) ضلعي ڪائونسل سانگهڙ جو مالي سال 2025-26 جو بجيٽ اجلاس چيئر مين ضلعي ڪائونسل سانگهڙ سيد رياض حسين شاهه خراساني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪائونسل ميمبرن متفقه طور تي 92 ڪروڙ 8 لک 91 هزار 565 رپين جي بجيٽ جي منظوري ڏني. اجلاس دوران ترقياتي اسڪيمون، عوامي فلاحي منصوبن ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ مختص رقم جون تفصيلون پيش ڪيون ويون.

 بجيٽ جي منظوري کان پوءِ چيئرپرسن اميد ظاهر ڪئي ته منظور ڪيل بجيٽ عوام جي بهتري ۽ ضلعي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. چيئرمين سيد رياض حسين شاه اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته نئي ترقياتي ڪمن سان گڏوگڏ هلندڙ ترقياتي ڪمن ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي پراپرٽي جي ريپئر لاء پڻ بجٽ مختص ڪئي ويئي آهي. چيئرمين ضلعي ڪائونسل وڌيڪ چيو ته اسان پارٽي ممبرن سان گڏو گڏ مخالف ڌر جي ممبرن کي پڻ ترقياتي ڪم ڏنا ويا آهن. سڀني ممبرن هٿ مٿي کڻي بجٽ پاس ڪئي جنهن ۾ حزب اختلاف جا ممبر پڻ شامل هئا.

جُولاءِ 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو