دادو: برسات سبب غريب صحافي مختيار علي سومرو جو گهر ٻيهر ڊهي پٽ، مدد لاءِ اپيل
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو: برسات متاثر غريب صحافي مختيار علي سومرو جو گهر ٻيهر برسات سبب ڊهي پٽ، مدد جي اپيل 2022 جي مها ٻوڏ دوران تيز برساتن سبب دادو سان تعلق رکندڙ غريب صحافي مختيار علي سومرو جو گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويو هو،
جنهن بعد هن وقت تائين صحافي مختلف مشڪلاتن ۾ جڪڙيل آهي مختيار علي سومرو ڪيترن ئي صحافتي تنظيمن، ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کي مدد لاءِ عرض ڪيو، پر افسوس سان چونڻ تي مجبور آهي ته اڃا تائين ڪنهن به سندس واهر نه ڪئي آهي،
گذريل رات هڪ ڀيرو ٻيهر تيز برسات پوڻ سبب گهر جي چوديواري پڻ ڪري پٽ پئجي وئي، جنهن بعد صحافي مڪمل طور بي گهر ٿي ويو آهي، مختيار سومرو هن وقت بي يارو مددگار بڻيل آهي ۽ شدید تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي هن ميڊيا ذريعي سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا،
چونڊيل نمائندن ۽ فلاح تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي ته سندس واهر ڪئي وڃي، ته جيئن هو پنهنجي لاءِ ٻيهر هڪ محفوظ ڇت جو بندوبست ڪري سگهي،
جُولاءِ 10, 2025