حڪومتي ۽ دفاعي ادارن تي ڀارتي سائبر حملي جو خدشو، سيڪيورٽي ايڊوائزري جاري

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سرڪاري ۽ دفاعي ادارن تي ڀارتي سائبر حملي جي خدشن سبب ڪابينا ڊويزن طرفان سيڪيورٽي ايڊوائزري جاري ڪئي وئي آهي.
ايڊوائزري ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ڀارتي هيڪرز پهلگام واقعي جي نالي تي سائبر حملن جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جن جو مقصد سرڪاري ڊيٽا ۽ حساس معلومات حاصل ڪرڻ آهي.
ڪابينا ڊويزن جي سائبر سيڪيورٽي ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته هيڪرز وائرس سان ڀريل مشڪوڪ فائيلون اي ميلن ۽ واٽس ايپ پيغامن ذريعي موڪلي رهيا آهن، جيڪي کولڻ سان ڊوائيس تي مالويئر انسٽال ٿي ويندو.
ايڊوائزري موجب، اِهو مالويئر ڊوائيس مان ڳجهي نموني ڊيٽا ۽ تصويرون گڏ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جيڪو ادارن جي سيڪيورٽي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو.
سيڪيورٽي ايڊوائزري ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته اڻڄاتل ذريعن کان موڪليل اي ميلون نه کوليون وڃن ۽ ڪنهن به اٽيچمينٽ کي کولڻ کان اڳ اينٽي وائرس سان اسڪين ڪيو وڃي.
ايڊوائزري ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪا شڪي اي ميل ملي ته ان جي فوري طور تي اداري جي آءِ ٽي ايڊمنسٽريٽر کي اطلاع ڏنو وڃي ته جيئن مناسب حفاظتي قدم کنيا وڃن.

جُولاءِ 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو