باجوڙ ۾ فائرنگ سان اي اين پي اڳواڻ مولانا خان زيب سميت ٻه ڄڻا مارجي ويا

باجوڙ (ويب ڊيسڪ) خار تعلقي هيڊ ڪوارٽر ڀرسان فائرنگ ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ مولانا خان زيب سميت ٻه ڄڻا مارجي ويا.
ڊي پي او وقاص رفيق موجب فائرنگ ۾ مولانا خان زيب جا 3 ساٿي زخمي به ٿيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
مولانا خان زيب اي اين پي جي علما ڪائونسل جو سربراهه ۽ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اميدوار هو.
ڊي پي او ٻڌايو ته مولانا خان زيب کي 13 جولاءِ تي امن مارچ بابت مهم دوران نشانو بڻايو ويو.