ايشيا ڪپ خطري ۾، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ڌمڪين تي لهي آيو

Spread the love

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ايشين ڪرڪٽ ڪائونسل (اَي سي سي) جي اجلاس کان اڳ ئي اختلاف شروع ڪري ڇڏيا.
ايشين ڪرڪٽ ڪائونسل جو ساليانو اجلاس 24 جولاءِ تي ڍاڪا ۾ ٿيڻ وارو آهي، جنهن کي ڀارتي ڪرڪٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ چاهي ٿو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڀارتي بورڊ ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن اجلاس جو هنڌ تبديل نه ڪيو ويو ته هو اجلاس تان هٿ کڻڻ تي غور ڪري سگهي ٿو، ڀارتي بورڊ اڳ ۾ ئي اجلاس جي جاءِ تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪري چڪو آهي.
ڀارتي ميڊيا جو دعويٰ آهي ته موجوده سياسي صورتحال سبب بنگلاديش وڃڻ مناسب ناهي، ان ڪري بي سي سي آءِ اَي سي سي کي باضابطا طور تي اجلاس جو هنڌ تبديل ڪرڻ لاءِ چيو آهي.
واضح رهي ته ڀارتي بورڊ اڳ به آگسٽ ۾ بنگلاديش سان رٿيل سيريز ملتوي ڪري چڪو آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي تڪرار سبب مودي حڪومت بنگلاديش جو دورو ملتوي ڪرڻ لاءِ چيو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب، ايشيا ڪپ لاءِ دبئي، ابو ظهبي ۽ شارجا متبادل وينيون طور تي غور هيٺ آهن ۽ بورڊ ڀارتي حڪومت جي منظوري جي منتظر آهن.
بي سي سي آءِ موجب، جيڪڏهن اجازت نه ملي ته ڀارتي بورڊ انهي ونڊو ۾ ڪو ملٽي نيشن ٽورنامينٽ ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿو.
رپورٽن موجب، ڀارتي بورڊ حڪومت کان ايشيا ڪپ لاءِ منظوري وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي، جڏهن ته يو اي اي ايشيا ڪپ لاءِ بيڪ اپ پلان طور موجود آهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ميچ تي غير يقيني صورتحال سبب ايشيا ڪپ تي خدشن جا ڪڪر ڇانيل آهن.
امڪاني شيڊيول موجب، ايشيا ڪپ گڏيل عرب رياستن ۾ ٿي سگهي ٿو، ايونٽ جي شروعات 5 سيپٽمبر کان ٿيندي ۽ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽورنامينٽ جو مها دنگل 7 سيپٽمبر تي رٿيل آهي.

جُولاءِ 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو