اسان کان سواءِ هي نظام نٿو هلي سگهي: شازيه مري

Spread the love

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي ترجمان شازيه مري چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جي استعفيٰ بابت هلندڙ افواهه سراسر من گهڙت ۽ ڪوڙ تي مبني آهن،پيپلزپارٽي ۽ صدر زرداري تاريخي طور ثابت ڪيو آهي ته اسان ڪڏهن به ميدان خالي نه ڇڏيو آهي،تاريخ شاهد آهي ته صدر زرداري آمريت، قيد ۽ ڏکيائين جو مقابلو ڪيو، پر ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو،

هن  چيو ته اسان جا اتحادين سان لاڳاپا بهتر آهن، ۽ ڪنهن به صدر کي هٽائڻ لاءِ چارئي صوبن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ضرورتهوندي آهي، تنهنڪري استعفيٰ جي افواهن جو ڪوبه جواز ناهي،هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ملڪ جي پهريون سولين صدر بڻجڻ وڃي رهيا آهن،

جيڪو پنهنجون ٻه صدارتي مدتون مڪمل ڪندو هوڏانهن پ پ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات نديم افضل چن چيو آهي ته ملڪ جو موجوده نظام پيپلزپارٽي جي بغير هلي ئي نٿو سگهي، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري جي عهدي کي ڪو به خطرو ناهي.

جُولاءِ 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو