27 يوٽيوب چئنل بند ڪرڻ آمراڻو قدم آهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (ويب ديڪس) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو،
ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا لاڳو آهي. اظهار جي آزادي جي آئيني حق جي لتاڙ ڪئي وئي آهي. 27 يوٽيوب چينلن کي بند ڪرڻ وسيلي ضيائي آمريتي دور کي ٻيهر آندو ويو آهي.
شهباز ۽ بلاول ڀٽو جي وفاقي سرڪار بدترين آمرن ايوب ۽ ضيا کي به پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. صحافين جي آواز کي بند ڪرڻ آزاد صحافت جي قتل برابر آهي. ملڪ ۾ آئين ۽ قانون بدران طاقت جي حڪمراني آهي.
جُولاءِ 9, 2025