”هاري جي ڪڻڪ سستي، شگر مافيا جي کنڊ مهانگي ٿي وئي“

لاهور(بيورو+م ڊ) پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ملڪ احمد خان ڀچر چيو آهي ته هاري جي ڪڻڪ سستي ٿي وئي آهي جڏهن ته شوگر مافيا جي کنڊ مهانگي ڪئي وئي آهي جيڪو واضع ڪري ٿو ته حڪومت جي پاليسين مان عام ماڻهو ۽ هاري متاثر پيا ٿين،
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پنهنجي پٽ جو پلانٽڊ چالان ڪرائي ڇڏيو آهي، جيڪو هڪ سياسي ڊرامو لڳي ٿو،هن چيو ته اسان جي 26 ميمبرن کي صرف شان ۾ گستاخي جي الزام تي ڊي سيٽ ڪيو ويو، جڏهن ته اسپيڪر کي وزيراعليٰ اڳيان جهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر اسان نه جهڪنداسين.
جُولاءِ 9, 2025