ملير ۾ موئن جو دڙو جي دور جو ڳوٺ دريافت، سنڌو تهذيب جو هزارين سالن پراڻو ماڳ “الله ڏنو” سامهون اچي ويو
ملير (ڊ ر ) ملير ۾ موئن جو دڙو جي عروج واري دور جو ڳوٺ دريافت نشانيون هٿ ، سنڌو تهذيب جي هزارين سالن جو ماڳ ڪراچي ملير ۾ ملي ويو آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ آمريڪن ٽيم ماڳ هٿ ڪري ورتو سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ سامهون اچي وئي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ الله ڏنو جو مقام جو نالو ڏئي هڙاپن دور جو بورڊ هئي ڇڏيو ، آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ جي الله ڏنو سائيٽ تي پهچي وئي ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو پهچي تاريخي ماڳ کي محفوظ ڪرڻ جون هدايتون ڪري ڇڏيون تفصيل موجب ملير ۾ موئن جو دڙو جي عروج واري دور جو ڳوٺ دريافت نشانيون هٿ ،
سنڌو تهذيب جي هزارين سالن جو ماڳ ڪراچي ملير ۾ ملي ويو آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ آمريڪن ٽيم ماڳ هٿ ڪري ورتو سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ سامهون اچي وئي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ الله ڏنو جو مقام جو نالو ڏئي هڙاپن دور جو بورڊ هئي ڇڏيو ، آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ جي الله ڏنو سائيٽ تي پهچي وئي ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو پهچي تاريخي ماڳ کي محفوظ ڪرڻ جون هدايتون ڪري ڇڏيون آرڪيالاجي آفيسر جو چوڻ آھي ته ڊملوٽي ملير ندي جي ڪپ تي قائم الله ڏنو جو مقام موئن جو دڙو جي دور جو ڳوٺ آهي تاريخي ماڳ جي کوٽائي آمريڪن ٽيم جي ڊاڪٽر جوناٿن مارڪ ڪناير،
ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري، ڊاڪٽر عصمه ابراهيم شروع ٿي ماڳ جي کوٽائي جو ڪم 1973 ۾ ٿيو وري 2023 کان آمريڪن آرڪيالاجي جي ماهرن سان هن وقت تائين جاري آهي ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو چيو ته آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ وارن سنڌو تهذيب جو ڳوٺ دريافت ڪيو آهي کوٽائي دوران موئن جو دڙو جي دور جون نشانيون مليون آهن سنڌو تهذيب قديم آهي تاريخي ماڳ کي محفوظ ڪيو ويندو سنڌ جي سڃاڻپ ئي سنڌو سان آهي
جُولاءِ 9, 2025