غلام ادارن واري نظام ۾ صدر زرداري ڇو هٽندو:ايمل ولي

Spread the love

پشاور(م ڊ)اي اين پي جي صدر ايمل ولي خان چيو آهي ته اسان کي مخصوص سيٽنجي لالچ ناهي،جيڪڏهن نظام اهو ئي هلي ٿو ۽ اسان کي به هڪ اڌ سيٽ ملي ٿي ته اها خوش قسمتي هوندي،ان سان غلامي جي دور ۾ قوم جي آواز بڻجنداسين،

صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه غير آئيني ٿيندو پيو وڃي،خبر ناهي ملڪ جو اڳتي ڇا ٿيندو،ڪي پي ۾ سينيٽ جي چونڊ ۾ پنهنجي ميمبرن کي هارس ٽريڊنگ کان بچائڻ چاهيان ٿو،هن چيو ته باجوڙ کان وٺي وزيرستان تائين معدنيات تي اشرافيه جون نظرون آهن،

اهي معدنيات سان گڏ اسان جي قوم کي به کائي ويندا،افسوس جي ڳالهه اها آهي ته وزيرستان ۾ 600 ڪلوميٽر چلغوزي جو باغ محفوظ آهي پر وزيرستان ۾ ماڻهن کي سڪون نٿو ملي،صدر آصف علي زرداري کي عهدي تان هٽائڻ واري سوال تي هن چيو ته قوم کي ٽرڪ جي بتي پٺيان هلائڻ لاءِ اهڙي قسم جون خبرون هلايون وينديون آهن،

هن نظام ۾ ڪهڙو مسئلو آهي؟ هن وقت ته پ پ کي وفاق جو حصو بڻائڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن،27هين ترميم رياست جو ڇڏيل شوشو آهي،ماڻهن جو موڊ ڏٺو پيو وڃي،

جُولاءِ 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو