سکر بيراج جو 43هون گيٽ ريتيلي مٽيءَ ۾ ڦاسي پيو، ڍانچي کي نقصان جو خدشو، پروجيڪٽ انتظاميا پاران چيف سيڪريٽري کي خط روانو

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر بيراج جو 43 هون گيٽ ريتيلي مٽيءَ ۾ ڦاسي پيو، گيٽ جي ڍانچي کي نقصان پهچڻ جو خدشو،ان سلسلي ۾  سکر بيراج جو 43 هون گيٽ ريتيلي مٽيءَ ۾ ڦاسي پيو آهي جنهن سبب گيٽ جي ڍانچي  کي نقصان پهچڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، ذريعن موجب سنڌ حڪومت بيراج امپروومينٽ پروجيڪٽ انتظاميا 16 گيٽس جي تبديلي دوران 43 هين گيٽ تي ڪافر ڊيم تعمير ڪيو هو ۽ پروجيڪٽ انتظاميا ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 43 هين گيٽ کانسواءِ ٻين گيٽس تان ڪافر ڊيم هٽايو ويو.

جڏهن ته 43 هين گيٽ وٽان نه هٽايو ويو جنهن جي ڪري گيٽ مٽيءَ ۾ ڦاسي پيو آهي، گيٽ تي پاڻي جي سطح وڌڻ تي بيراجي جوڙجڪ کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي ٻئي طرف پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پريتم داس اعتراف ڪيو ته 43 هين گيٽ مٽيءَ ۾ ڦاسي پيو آهي پر ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري کي خط لکي آگاهه ڪيو ويو آهي.

جُولاءِ 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو