دادو: قاضي احمد جي پرڻيل ناري پاران ساهرن جي ظلمن خلاف دادو پريس ڪلب آڏو احتجاج، الڳ گهر، تحفظ ۽ انصاف جو مطالبو
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) قاضي احمد ۾ پرڻيل ناري ماءُ، پيءُ سميت ساهرن جي ناجائزين خلاف دادو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ساهرن جي مهڻن کان تنگ ٿي پنهنجي والدين جي گهر دادو سورج آباد پاڙي ۾ پهتي آهيان، 5 مھينا اڳ قاضي احمد شھر ۾ منهنجي شادي الطاف بالادي سان ٿي ھئي، منهنجي نناڻ نرماڻ، ڏير گل،
مھتاب بالادي وارا مونتي گهر اندر تشدد ڪن ٿا مونکي پنهنجي پيءُ ماءُ سان فون تي به ڳالھائڻ نه ٿا ڏين ناري مطالبو ڪيو ته مونکي منهنجو مڙس الڳ گهر وٺي ڏئي، منهنجي مينهن ۽ ٻڪري به ڏني وڃي، ساهرا منهنجي مڙس کي به ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، مونکي الڳ گهر ڏنو وڃي مڙس سان گڏ رھنديس، مان سھري صادق بالادي جي گهر ۾ نه رھندس مونکي جان جو خطرو آهي
ٻئي پاسي ناري جي والد غلام سرور جويو نياڻي سان ٿيندڙ ظلم جي خلاف ايس ايس پي دادو کي مخالفن صادق، گل مھتاب بالادي، نرما بالادي، محمد قاسم جويو خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ لاءِ لکت ۾ درخواست پڻ ڏئي ڇڏي آهي، هنن ايس ايس پي نوابشاهه ڊي آءِ جي نواب شاهه ايس ايڇ او قاضي احمد کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي،
جُولاءِ 9, 2025