آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ: هيري بروڪ هم وطن جوءِ روٽ کان نمبر ون پوزيشن کسي ورتي

Spread the love

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ جي نئين پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
ايجبسٽن ٽيسٽ ۾ 158 رنسن جي شاندار اننگز کيڏڻ تي انگلش بيٽر هيري بروڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ نئون نمبر ون بيٽر بڻجي ويو آهي، جنهن اڳوڻي نمبر ون جوءِ روٽ کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
نئين رينڪنگ ۾ هيري بروڪ 18 پوائنٽس جي فرق سان پهرئين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته جوءِ روٽ ٻي پوزيشن تي هليو ويو آهي.
ڀارتي ڪپتان شبمن گل، ايجبسٽن ٽيسٽ ۾ 269 ۽ 161 رنسن جون ٻه شاندار اننگز کيڏي پنهنجي ڪيريئر جي بهترين پوزيشن ماڻيندي ڇهين نمبر تي اچي ويو آهي، اڳوڻو ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن ٽئين، ڀارتي اوپنر يَشسوي جئسوال چوٿين ۽ آسٽريليا جو اسٽيو سمٿ پنجين نمبر تي موجود آهي.
انگلينڊ جو وڪيٽ ڪيپر جيمي سمٿ به ڀارت خلاف 184 ۽ 88 رنسن جي اننگز کيڏڻ کانپوءِ 16 درجا ترقي ماڻيندي ٽاپ ٽين ۾ شامل ٿي ويو آهي، سندس بيٽرز رينڪنگ ۾ ڏهين پوزيشن آهي.
ڏکڻ آفريڪي آل رائونڊر ۽ وقتي ڪپتان ويان ملڊر زمبابوي خلاف ناٽ آئوٽ 367 رنسون ٺاهي ٽيم جي اننگز 626/5 تي ڊڪليئر ڪئي، جيتوڻيڪ وٽس برائن لارا جو عالمي رڪارڊ ٽوڙڻ جو موقعو به موجود هو.
سندس ان شاندار ڪارڪردگي کيس آل رائونڊرن جي رينڪنگ ۾ 12 درجا ترقي ڏياري ٽئين نمبر تي پهچائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڀارتي آل رائونڊر رويندر جاڙيجا بدستور پهرين نمبر تي آهي.
ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بُمرا آرامجو باوجود ٽيسٽ بالرن جي رينڪنگ ۾ پهريون نمبر برقرار آهي، جڏهن ته محمد سراج انگلينڊ خلاف شاندار بالنگ بعد 6 درجا ترقي سان 22هين نمبر تي اچي ويو آهي.
ٻئي پاسي سريلنڪا جي بنگلاديش خلاف 2-1 جي سيريز کٽڻ کانپوءِ ون ڊي رينڪنگ ۾ ڦيرڦار ٿي آهي.
بيٽرن جي رينڪنگ ۾ ڀارت جو شُبمَن گِل پهرئين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان بابراعظم ٻي ۽ ڀارتي ڪپتان روهت شرما جي ٽِين پوزيشن آهي.
سريلنڪا جي چيراٿ اسالنڪا ٻه درجا ترقي ماڻڻ کانپوءِ ڇهين ۽ سندس هم وطن ڪوشل مينڊس ڏهه درجا بهتري کانپوءِ ٽاپ ٽين ۾ شامل ٿي ويو آهي.
بالرن ۾ سريلنڪا جو مهيش ٿيڪشانا پهرين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته وانندو هسارانگا 11 درجا بهتري کانپوءِ رينڪنگ ۾ اٺين نمبر تي اچي ويو آهي.
ڀارتي اسپنر رويندر جاڙيجا هڪ هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ نائين نمبر تي هليو ويو آهي، پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين آفريدي به هڪ درجو تنزلي بعد 12هين نمبر تي اچي ويو.
آل رائونڊرن ۾ افغانستان جو عظمت الله عمرزئي پهرين جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.

جُولاءِ 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو