پاڪستان ۾ ”مي ٽو“ مهم جو غلط استعمال ٿيو، مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌي ويا آهن: ڪومل مير

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ڪومل مير چيو آهي ته دنيا ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف شروع ڪيل ”مي ٽو“ مهم جو پاڪستان ۾ غلط استعمال ڪيو ويو.
ڪومل مير ٻڌايو ته سندس ايندڙ ڊرامي ”گونج“ ۾ ڪم واري جاءِ تي عورتن سان ٿيندڙ بدڪلامي ۽ هراسان جهڙن مسئلن کي اجاگر ڪيو ويندو.
سماجي موضوع تي ٻڌل ڊرامي ”گونج“ جي هدايتڪاري ۽ پروڊڪشن رئوف وجاهت ڪئي آهي ۽ هي ڊرامو جلد ئي ”هم ٽي وي“ تان نشر ڪيو ويندو.
ڊرامي جي مشهوري واري تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪومل مير ٻڌايو ته ”گونج“ جي ڪهاڻي ڪم وارن هنڌن تي ٿيندڙ بدڪلامي ۽ عورتن کي هيسائڻ جهڙن مسئلن تي ٻڌل آهي.
سندس چوڻ هو ته ڊرامي ۾ ڏيکاريو ويندو ته ڪيئن ڪم واري جاءِ تي عورتن سان اڍنگو رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪيئن ڪجهه عورتون اهڙن ظلمن خلاف آواز اٿارين ٿيون.
ڪومل مير موجب، هوءَ ڊرامي ۾ اهڙي عورت جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جيڪا ڪم واري جاءِ تي پنهنجي هراسان ٿيڻ جو ڪيس وڙهندي نظر ايندي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ڊرامي جو هڪ مقصد ماڻهن ۾ اِها جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪم وارن هنڌن( ورڪنگ پليسز) تي هراسان ٿيڻ خلاف قانون موجود آهن، جن ذريعي متاثر عورتون پنهنجي حقن جي تحفظ لاءِ قانوني رستو اختيار ڪري سگهن ٿيون.
هن چيوته کيس به ويجهڙائي ۾ پتو پيو ته پاڪستان ۾ اهڙا قانون موجود آهن، جن تحت بدڪلامي ۽ هراساني خلاف قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.
ڪومل مير جو چوڻ هو ته پاڪستان جهڙي سماج ۾ عورتن سان هراساني جا مسئلا سنجيده نوعيت جا آهن، پر بدقسمتي سان اهڙن معاملن خلاف ڇوڪريون سامهون ناهن اينديون .
هن مثال ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ ”مي ٽو“ مهم جو به غلط استعمال ڪيو ويو، جنهن ڪري عورتن جا مسئلا وڌيڪ وڌي ويا.

جُولاءِ 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو