ملير: ميمڻ ڳوٺ ۾ 15 ورهين جي نينگري سان مبينا اجتماعي ڏاڍائي، نينگري پيٽ سان، بااثرن جوابدار لڪائي ڇڏيا، گرفتاري ناهي ٿي

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي)ميمڻ ڳوٺ ۾ پورهيت جي 15ورهين جي نينگري سان ٽن جوابدارن جي مبينا ڏاڍائي، نينگري پيٽ سان ٿي ويئي، ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي ڪيس داخل، ڪو جوابدار گرفتار نه ٿيو، بااثرن جوابدار  لڪائي ڇڏيا، وڏيرا متاثر خاندان وٽ معافي لاءِ مير منٿ لاءِ پهچي ويا، 3 سال اڳ ميمڻ ڳوٺ ۾ حديقه ميمڻ کي پڻ اجتمائي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو،

تفصيل موجب ملير جي ميمڻ ڳوٺ واري شفع محمد پاڙي ۾ پورهيت عبدالواحد جي 15 ورهين جي نينگري شازيه کي ٽن جوابدارن بابو ميمڻ، الھڏنو،ميمن ۽ رمضان عرف رمون ميمڻ  طرفان مبينا ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو  اهڙو ڦاٽ تڏهن ڦاٽو جڏهن نينگري 4 مهينن جي پيٽ سان ٿي ويئي ڌيءَ طرفان سموريون حقيقتون بيان ڪرڻ بعد پيءُ عبدالواحد ميمنڻ ڳوٺ پهچي ڪيس  داخل ڪرائيندي چيو ته ائون هوٽل تي پورهيو ۽ گهر واري ٻين جي گهرن ۾ ٿانو ٻهارو ڪري گذر سفر ڪندا آهيون

 پويان منهنجي 15 ورهين جي  وڏي نياڻي پنهنجي ڀائرن سان گڏ گهر ۾ هوندي آهي جنهن کي 4 مهينا اڳ بابو پٽ نبي ميمڻ  فون ڪري نياڻي کي گهر گهرايو جتي سندس ساٿي  الھ ڏنو پٽ جمعه ميمڻ ،رمضان عرف رمون پٽ خليل ميمڻ موجود هئا جن نياڻي کي ڌمڪيو ڏئي خوف زدہ ڪري ڪمري ۾ وٺي اجتمائي زيادتي  جو نشانو بڻايو ۽ ڌمڪي ڏني ته ڪنهن سان به ڳالھ ڪئي ته توکي قتل ڪري ڇڏينداسين تنهن کان پوءِ مختلف وقتن تي ڄاڻايل جوابدار نياڻي کي بليڪ ميل ڪري گهر گهرائي زيادتي جو نشانو بڻائيندا رهيا آهن 2 ڏينهن اڳ پيٽ سان ٿيڻ بعد ماءُ طرفان حقيت معلوم ڪرڻ تي نياڻي سڀ ڪجھ ٻڌائي ڇڏيو جنهن بعد اسپتال مان طبي چڪاس بعد رپورٽ ۾ ڄاڻ پئي ته ڌي نياڻي چئن ميهن جي پيٽ سان آهي ٻئي طرف

بااثرن جوابدارن کي لڪائي ڇڏيو آهي جنهن سبب ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي ۽ متاثر خاندان وٽ معافي لاءِ ميڙ منٿ وفد وٺي پهچي ويا آهن  ياد رهي ته 3 سال اڳ ميمڻ ڳوٺ ۾ حديقه ميمڻ پڻ اجتمائي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو جنهن جا جوابدار اڃان تائين قيد آهن ۽ ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي هن ٻئي واقعي تي ميمڻ جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي طرفان سخت رد عمل ڏيندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته ميمڻ ڳوٺ ۾ نياڻين سان ٿيندڙ ڏاڍائي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي جئين ٻين نياڻين جون عزتون محفوظ رهي سگهن.

جُولاءِ 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو