مظفر آباد: اسڪول وين کاهيءَ ۾ ڪِرڻ سبب 26 ٻار ۽ ڊرائيور زخمي

Spread the love

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) مظفر آباد جي جهلم وادي ۾ نجي اسڪول جي وين کاهيءَ ۾ ڪِرڻ سبب 26 ٻار زخمي ٿي پيا.
ايس ايس پي جهلم ويلي مرزا زاهد موجب واقعو جهلم چڪار ڀرسان پيش آيو، جتي اسڪول جي وين بي قابو ٿي کاهيءَ ۾ ڪِري پئي، حادثي ۾ ڊرائيور ۽ 26 ٻار زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو آهي.
پوليس موجب حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ ٻارن جي عمر 6 کان 12 سالن جي وچ ۾ آهي، جڏهن ته ڊرائيور ۽ ٻن ٻارن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

جُولاءِ 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو