لارا عظيم آهي، 400 رنسن جو رڪارڊ کيس ئي سونهين ٿو: ويان مُلڊر

Spread the love

بلاوائيو (ويب ڊيسڪ) بلاوائيو ٽيسٽ ميچ ۾ ڏاڍي شاندار ٽرپل سينچري اسڪور ڪرڻ بعد به ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ويان مُلڊر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ برائن لارا جو 400 رنسن جو عالمي رڪارڊ ٽوڙڻ کان پاڻ کي روڪي ورتو.
بلاوائيو ٽيسٽ ۾ زمبابوي خلاف ويان ملڊر 334 بالن تي 367 رنسن جي ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، سندس اننگز ۾49 چوڪا ۽ 4 ڇڪا شامل هئا، ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن ملڊر اننگز ڊڪليئر ڪئي ته ڏکڻ آفريڪي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 626 رنسون ٺاهي چڪي هئي.
ان دوران ملڊر پنهنجي هم وطن هاشم آملا کانپوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ٽرپل سينچري ٺاهيندڙ ٻيو آفريڪي بيٽر بڻيو.
هو جڏهن 350 رنسن کان مٿي ويو ته لڳي رهيو هو ته هو آسانيءَ سان برائن لارا جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي هڪ اننگ ۾ سڀ کان وڌيڪ 400 رنسن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو.
پر جڏهن هو اِهو تاريخي اعزاز ماڻڻ کان رڳو 34 رنسن پري هو ته اننگز ڊڪليئر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڪرڪيٽ تجزئي نگارن ۽ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو.
ان ڏس ۾ ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪامينٽيٽر شان پولاڪ سان ڳالهائيندي مُلڊر چيو ته ”هن لارا جو رڪارڊ ان ڪري نه ٽوڙيو ڇو ته برائن لارا هڪ ليجنڊ ڪرڪيٽر آهي، جنهن انگلينڊ خلاف 400 رنسون ٺاهيون هيون ۽ مان چاهيان ٿو ته اِهو رڪارڊ لارا جي نالي ئي رهي، جيڪڏهن ٻيهر ڪڏهن موقعو مليو تڏهن به ائين ئي ڪندس.“
ويان ملڊر جو چوڻ هو ته سڀ کان پهرين مان اهو سوچيو ته ٽيم لاءِ ڪافي رنسون ٿي چڪيون آهن ۽ منهنجي لاءِ هي اننگ تمام خاص هئي.
هن چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته منهنجي اننگ ٽيم جي ڪم آئي، مان پنهنجي ڪوچ سان صلاح مشورو ڪيو ۽ چيو ته رڪارڊ ليجنڊز جي نالي سان ئي هئڻ گهرجن، برائن لارا جو ٺاهيل رڪارڊ جيئن آهي تيئن ئي رهڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيوته مان ڪڏهن ڊبل سينچريءَ جو ئي نه سوچيو هو ٽرپل سينچري تي تمام وڏي ڳالهه آهي.

جُولاءِ 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو