صدر زرداري استعيفيٰ نه ڏيندو،صدارتي نظام لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهربل

Spread the love

اسلام آباد(عاصمه شيرازي)اڄڪلهه صدر آصف علي زرداري کي عهدي تان هٽائڻ جي حوالي سان ميڊيا ۾ وڏو هُل متل آهي ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدر بڻجڻ جي حوالي سان خبرون اچي رهيون آهن پر سوال اهو آهي ته فيلڊ مارشل ڇو صدر بڻجڻ چاهيندو؟ ڇا پاڪستان ۾ صدارتي نظام اچي رهيو آهي؟ صدارتي نظام لاءِ به آئين ۾ تبديلي لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهرجي،ڪهڙي سياسي پارٽي آهي جيڪا ان نظام جي حمايت ڪندي؟ هڪ صورت اها ٿي سگهي ٿي ته ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪيو وڃي يا پوءِ ڪئنالن جي معاملي تي ماڻهن کي ٻيهر روڊن تي آندو وڃي،

ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ لاءِ به ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت پارليامينٽ ۾ گهربل هوندي اهو ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو جڏهن پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ گڏجي نئين ترميم آڻين،حيرت ٿيندي آهي جڏهن ملڪ جا ناليوارا صحافي ۽ اينڪر به صدر زرداري کي هٽائڻ واري ڳالهه سان سهمت ٿين ٿا ۽ ان لاءِ دليل ڏئي رهيا آهن،اهو هڪ شوشو ڇڏيو ويو آهي جيئن هن نظام مان پ پ کي مائنس ڪيو وڃي،

اهو به سوچڻ گهرجي ته ڪنهن جي چوڻ تي اهڙي قسم جون خبرون مارڪيٽ ۾ ڇڏيون پيون وڃن،اهو نڪتو به اهم آهي ته ڇا آصف علي زرداري صدارت تان رضاڪاراڻي نموني استعيفيٰ ڏئي سگهي ٿو؟ هو شڪست تسليم ڪرڻ وارن مان ناهي،هن ماضي ۾ به ميموگيٽ اسڪينڊل تي اسٽيبلشمينٽ جي سخت دٻاءُ باوجود استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو.

جُولاءِ 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو