سڪرنڊ ۾ فيملي هيلٿ ميلو، آباديءَ بابت آگاهي لاءِ ورلڊ پاپوليشن ڊي جي مناسبت سان تقريب

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر شھيد بينظيرآباد رياض احمد شر جي ھدايت تي 11 جولائي 2025 ورلڊ پاپوليشن ڊي جي حوالي سان عوام خاص ڪري ٻهراڙيءَ جي ماڻھن ۾ اڳواٽ آگاهي ڏيڻ لاءَ  تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾  فيملي ھيلٿ ميلو ڪرايو ويو جنھن ۾ رياش احمد شر جو پيغام پهچايو ويو ته ھڪ صحتمند ۽ خوشحال ماحول لاء منصوبا بندي ڪرڻ گھرجي

ھڪ ٻار کان ٻئي ٻار ۾ پنجن سالن جو وقفو ھئڻ گھرجي ته جيئن ماء ۽ ٻار جي صحت بھتر رھي سگهي پروگرام ۾ واجد بروھي ، غلام علي ڪيريو ، نديم سومرو ، ميڊم ڪلثوم ، مس شھناز ، مس عقيلا سميت عورتن ۽ ٻارن شرڪت ڪئي هيلٿ ميلي جي آخر ۾  ٻارن کي انعام طور کٽمٺڙا ڏنا ويا

جُولاءِ 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو