سڪرنڊ ۾ ذڪرِ امام حسين ڪانفرنس، علمي، مذهبي ۽ سماجي اڳواڻن جي شرڪت
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) جماعت اهلسنت شهيد بينظيرآباد جي ڊويزنل امير سيد نور محمد شاھ جيلاني جي ميزبانيءَ هيٺ مدرسه غوثيه فيضان اولياء ۾ هر سال جيان هن سال به ” ذڪر امام حسين ڪانفرنس “ جو اهتمام ڪيو ويو ڪانفرنس ۾ عالمن ، حافظن ۽ مذهبي شخصيتن کانسواءِ سياسي سماجي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي جن ۾ ضلع ڪائونسل جو ميمبر سيد شايان شاھ ، پ پ جو ضلعي جنرل سيڪريٽري علي حيدر شاھ ، حاجي علي نواز چانڊيو ، حافظ عبدالغفور سڪندري ،
حافظ گل نور سڪندري ۽ ٻيا شامل هئا ” ذڪر امام حسين ڪانفرنس “ ۾ سنڌ جي مشهور عالمن علامه عبيدالله حيدري ، علامه اختيار حسين اصلاحي ۽ علامه محمد رمضان نقشبندي پنهنجي الڳ الڳ بيان ۾ فضيلت اهلبيت ۽ واقعه ڪربلا تي قرآن و حديث جي حوالن سان تفصيلي بيان ڪندي چيو ته شهداءِ ڪربلا يا واقعه ڪربلا کي هر سال ياد ته ڪيو وڃي ٿو پر ان جي روحانيت کي اڄ جو مسلمان سمجهڻ کان گهڻو پري آهي سماج اصل دين کي سمجهڻ بجاءِ فضوليات ۾ شامل ٿي ويو آهي
جيڪڏھن شهيدن جي ڏسيل واٽ تي هلون ته دين ۽ دنيا ٻئي سنواري سگهون ٿا ان موقعي تي الطاف حسين نقشبندي سميت ٻين نعت خوانن قصديه پڻ پيش ڪيا ڪانفرنس ۾ حافظ مٺل سڪندري ، عبدالرسول قادري ، سهيل احمد مدني ، مير محمد سڪندري ، ڊاڪٽر امداد علي مگسي سميت ڪئي شخصيتون شريڪ هيون آخر ۾ نياز جو اهتمام ڪيو ويو .
جُولاءِ 8, 2025