سکر بئراج جو گيٽ نمبر 43 پاڻي جي دٻاءَ سبب پاسيرو، ڪافر ڊيم جوڙڻ لاءِ هنگامي ڪم جاري

Spread the love

سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر بئراج جو گيٽ نمبر 43 پاڻي وھڪرن جو دٻاءُ نه سھندي پاسيرو ٿي ويو بئراج جي گيٽن جي تبديلي وارو ڪم ڪندڙ ڪمپني پاران ھنگامي بنيادن تي سکر بئراج جي اپ اسٽريم ۾ گيٽ نمبر 43 آڏو ڪافر ڊيم جوڙڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم شروع ڪيو ويو آهي

 ان ڏس ۾ ايڪسيئن سکر بئراج زاھد مغل رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پھرين مرحلي ۾چائنا ڪمپني گيٽن جي تبديلي لاء سکر بئراج جي اپ اسٽريم ۾گيٽ نمبر 43کان گيٽ نمبر 59 تائين ڪافر ڊيم جوڙيو ويو هو ۽ اھي چائنا ڪمپني طرفان ئي گيٽ نمبر 43 کي درپيش مسئلن کي چائنا ڪمپني ٺيڪ ڪرڻ لاء تحرڪ ۾ اچي وئي آهي

ھن چيو ته امڪاني سيلابي وھڪرن جي ڪري 43 نمبر گيٽ کي اپ اسٽريم طرفان ٻنڊو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته شيڊيول موجب آڪٽوبر جي مهيني کان گيتن جي تبديلي واري فيز 2 ۾ متاثر ٿيل گيٽ پڻ تبديل ڪريو ويندو۔

جُولاءِ 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو