”بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ تائين زرداري استعيفيٰ نه ڏيندو“

اسلام آباد(مزمل سهروردي)تجزئي نگار رضوان رضي چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري استعيفيٰ نه پيو ڏئي،جيستائين بلاول ڀٽو وزيراعظم نٿو بڻجي آصف زرداري استعيفيٰ نه ڏيندو،صدر کي هٽائڻ ۽ نوازشريف جي عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ امڪاني ملاقات جي حوالي سان خبرون هلائي سياسي قوتن وچ ۾ پيغام پهچائڻ جو ڪم ٿي رهيو آهي،ان قسم جون خبرون پي ٽي آءِ پاران هلايون ويون آهن،
اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ پاران صدر کي ڌمڪي ڏني وئي هجي ته توهان کان استعيفيٰ وٺي به سگهجي ٿي،هن چيو ته ن ليگ ننڍين اتحادين سان گڏائي سادي اڪثريت ۾ اچي وئي آهي،اها ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت لاءِ پ پ جي محتاج آهي،سادي اڪثريت لاءِ محتاج ناهي،
هن چيو ته پ پ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ قربتون ٿي رهيون آهن پر ”اباجي“ نه مڃيندو،”اباجي“ وٽ ڪيترائي ويگو ڊالا آهن،في الحال اباجي جو موڊ اهو آهي ته پ پ ۽ ن ليگ واري شادي ئي برقرار رهندي،اباجي کي ان ڳالهه تي سخت ڪاوڙ آهي ته بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڀارت اسان سان سهڪار ڪري ته اسان حافظ سعيد کي ڀارت حوالي ڪري سگهون ٿا.
جُولاءِ 8, 2025