اسلام ڪوٽ: ڳوٺاڻي جو پوليس زيادتين خلاف احتجاج، منشيات جي ڪوڙن ڪيسن جو الزام، خودڪشي جو چتاءُ

Spread the love

اسلام ڪوٽ(رپورٽ: احمدعلي سانگي)اسلام ڪوٽ ۾ ڳوٺاڻي جو پوليس زيادتين خلاف احتجاج،منشيات جي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو الزام،خودڪشي جو چتاءُ،انھي سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ سونل ٻھ جي رھواسي ويرم ٺڪر پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي دانھيو آھي ته آئون منشيات فروش ناھيان پر انھي جي باوجود سي آء اي ۽ اسلام ڪوٽ پوليس مون تي 3 منشيات وڪرو ڪرڻ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آھن،2 چرس ۽ ھڪ ٺري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي،آئون ڪيسن جي ضمانت ڪرائڻ ڪورٽ نڪرندو آھيان ته پوليس وچ۾ پڪڙي ڪيس داخل ڪريو ڇڏي ٿي،آئون غريب مسڪين پورھيت آھيان،

پوليس ھر آئي ڏينھن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري مونکي گھران کڻي ويندي آھي،مونسان ظلم ھلي رھيو آھي،آئون ساخ کڻي ٿو چوان ته مون ڪڏھن به منشيات جو ڌنڌو ناھي ڪيو،منھنجي ڳوٺ جي ھر ماڻھو کان پڇا ڪري سگھجي ٿي،مونسان پوليس ظلم ڪري رھي آھي،ھن چيو ته ٿرڪول يو سي جي منصوبي تان پوليس سرپرستي ۾ سامان چوري ٿيندو رھيو آھي اسان جي اعتراض ڪرڻ بعد پوليس مونکي ٽارگيٽ بڻائي منشيات جي ڪيسن ۾ ڦاسائي رھي آھي،ھن چيو ته آئون پوليس جي ظلمن کان ايترو تنگ ٿي چڪو آهيان جو ھاڻي خودڪشي ڪرڻ لاءِ تيار آھيان منھنجي ھن عمل جو ذميوار پوليس ھوندي،

جُولاءِ 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو