کنڊ وڌيڪ 2 رپيا 32 پيسا في ڪلو مهانگي

Spread the love

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ کنڊ وڌيڪ 2 رپيا 32 پيسا في ڪلو مهانگي ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ کنڊ جي وڌ ۾ وڌ في ڪلو قيمت 196 رپيا ٿي وئي آهي، وفاقي اداري شماريات کنڊ جي قيمتن جا نوان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، جن موجب هڪ هفتي دوران کنڊ جي سراسري قيمت ۾ 2 رپيا 32 پيسا في ڪلو واڌ ٿي آهي،

جڏهن ته ملڪ ۾ کنڊ جي اوسط قيمت 184 رپيا 92 پيسا في ڪلو آهي، اداري شماريات موجب گذريل هفتي تائين کنڊ جي سراسري قيمت 182 رپيا 60 پيسا في ڪلو هئي، جڏهن ته هڪ سال اڳ ملڪ ۾ کنڊ جي سراسري قيمت 144 رپيا 72 پيسا في ڪلو هئي.

جُولاءِ 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو